روهيءَ جو مقام

روهيءَ جو مقام (ماڳ): هي پٿرايون نيلون آهن، جيڪي تاريخ کان پهرين واري دؤر جون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. هي لٺ، ڳوٺ نبي بخش باريجي کان ٽي فرلانگ ڏکڻ ۾، تعلقي ٿاڻي بولاخان، ضلعي ڄامشوري ۾ واقع آهن. هن ماڳ تي هڪ پٿر جي ڊگھي لٺ قبرستان جي پاسي ۾ کتل آهي، جيڪا 3.5 ميٽر ڊگھي، 0.5 ميٽر بنياد وٽ ۽ 0.35 ميٽر مٿين چوٽي تي ماپ جي آهي. هي پٿر جي لٺ آهي، جنهن کي مقامي ماڻهو روهي ڪري سڏين ٿا. هن وقت اها لٺ ڪجهه لڙيل ڏسجي ٿي. لٺ جي مصرف بابت خبر ناهي ته اها ڇو هنئي وئي آهي. محققن جو اندازو آهي ته شايد هيءُ ان وقت جو مذهبي اهڃاڻ هجي. سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري جي مصنفن ڄاڻايو آهي ته: هن قسم جي اڀي پٿر کي ’سنگ مزار‘ به سمجھي سگھجي ٿو، جيڪا ڪنهن مذهبي يا ثقافتي رسمن بجا آڻڻ جي ڪم ايندي هوندي. هن ماڳ جو ذڪر نامور آرڪيالاجسٽ مجمدار پنهنجي تحقيق هيٺ آيل ماڳن ۾ ڪونه ڪيو آهي. هن قسم جي پٿرن کي لوهٽڙي به سڏي سگھجي ٿو.
روهي تي ڪجهه عربي، ڪجهه فارسي (خط نسخ) ۽ ڪجهه ديوناگري رسم الخط ۾ ڪجهه لکيل آهي. ’يا الله‘ آئوٽ لائين ۾ لکيل آهي. باقي تحرير فارسي لڳي ٿي، جو ان ۾ ’يا علي‘ ۽ ’مردک‘ پڙهڻ جوڳا لفظ آهن، جڏهن ته باقي لفظ ڊٺل آهن. روهيءَ جي پاڙ ۾ اسٽوپا جهڙو نشان آهي، جنهن لاءِ هندو لوڪن جو چوڻ آهي ته جڏهن به ڪنهن ڪم جي شروعات ڪندا هئا ته پهرين اهڙو نشان ٺاهيندا هئا. هاڻي مقامي ماڻهن ان روهي سان گڏ کروٿ جوڙي ان کي مسجد جو درجو ڏئي ڇڏيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو